امريڪا ۾ڪورونا وگهي فوتگيون ٻي عالمي جنگ کان وڌيڪ آهن:صدر جوبائيڊن

واشنگٽن : امريڪا ۾ڪورونا وگهي فوتگيون ٻي عالمي جنگ کان وڌيڪ آهن، ايندڙ ٻن مهينن ۾وائرس سبب فوتگين جو انگ 5 لکن کان وڌي سگهي ٿو، امريڪا ايندڙ مسافرن کي آئيسوليشن ۾رهڻو پوندو، نئين چونڊيل امريڪي صدر جوبائيڊن جون ڪورونا بابت پلان تي ڳالهيون،  سندس چوڻ آهي ته گذريل حڪومت جي ناڪامي جي قيمت روزانو هزارين موتن جي شڪل ۾ڀرڻي پئجي رهي آهي، تمام امريڪي ماسڪ پائين، پهريان 100 ڏينهن چئلينجز ۾شامل آهن، ماڻهن ماسڪ پاتو ته اپريل تائين 50 هزار کان وڌيڪ جانيون بچائي سگهجن ٿيون.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔