وفاقي سرڪار گذريل ٻن سالن ۾ قومي مالياتي ادارن کان ساڍا 4 کرب قرض وٺڻ جو اعتراف ڪري ورتو

اسلام آباد : وفاقي سرڪار گذريل ٻن سالن ۾ قومي مالياتي ادارن کان ساڍا 4 کرب قرض وٺڻ جو اعتراف ڪري ورتو، سينيٽ اجلاس دوران وفاقي ناڻي کاتي طرفان اندروني قرضن بابت لکت ۾ جواب جمع، ناڻي کاتي جو چوڻ آهي ته 2018 کان 2020ع تائين قومي مالياتي ادارن کان 4.5 کرب رُپين جا اندروني قرض ورتا ويا، حڪومت شيڊولڊ بئنڪس کان 1.8 کرب ۽ اسٽيٽ بئنڪ کان 3.6 کرب قرض ورتو، گذريل ٻن سالن دوران عالمي ادارن کان به 5 ارب ڊالرز قرض وٺڻ جو اعتراف، ناڻي کاتي جو چوڻ آهي ته ٻن سالن ۾ 16.4 ارب ڊالرز پرڏيهي ۽ 19.9 کرب رُپيا اندروني قرض واپس ڪيا ويا.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔