نوڪيا هن سال جو سڀ کان سستو ترين اسمارٽ فون پيش ڪرڻ لاءِ تيار

ايڇ ايم ڊي گلوبل طرفان هلندڙ سال جو سستو ترين نوڪيا 1.4 جلد متعارف ڪرايو ويندو.
هي گذريل جي نوڪيا1.3 جي جاءِ وٺندو، جنهن ۾ انٽري ليول فيچرز هوندا جڏهن ته قيمت 100 يورو کان گهٽ هوندي.
هي نئون فون ڪواڊ ڪور پراسيسر سان ليس هوندو جيڪو 1.3 گيگا هرٽز سان گڏ هوندو.
وڌيڪ امڪان آهن ته هن فون ۾ ڪوالڪوم ڪيو ايم 215 پراسيسر ٿي سگهي ٿو پر يقين سان چوڻ ڏکيو آهي.
ان کان هٽي به گذريل ماڊل جي ڀيٽ ۾ هن ڀيري واضح اپ ڊيٽس ڪيا ويندا.
نوڪيا 1.3 ۾ بيڪ تي سنگل ڪيمرا ڏني وئي هئي پر نون ماڊلز ۾ ڊوئل ڪيمرا سيٽ اپ جي موجودگي جو امڪان آهي.
اهڙي طرح بيٽري به وڌيڪ طاقتور هوندي جيڪا 4000 ايم اي ايڇ جي ٿي سگهي ٿي.
ڊسپلي به اڳ کان وڏو هوندو ۽ نوڪيا 1.4 ۾ 6.51 انچن جي ايل سي ڊي اسڪرين ڏيڻ جا امڪان آهن.
ان کان سواءِ هڪ جي بي ريم ۽ 16 جي بي اسٽوريج جنهن ۾ ايس ڊي ڪارڊ سان وڌيڪ واڌ ڪري سگهجي ٿي.
فون جي بيڪ تي 8 ميگا پڪسل ڪيمرا ايم اي ڊِي فيلش سان گڏ هوندي جڏهن ته فرنٽ تي 5 ميگا پڪسل جي ڪيمرا ٿي سگهي ٿي.
اينڊرائيڊ 10 آپريٽنگ سسٽم واري هن فون ۾ 4 جي ايل ٽي اي، وائي فائي 2.4 ۽ بليوٽوٿ 4.2 سپورٽ سان گڏ موجود ٿي سگهي ٿو.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔