ڏکڻ آفريقا خلاف ٽي ٽوئنٽي سيريز لاءِ به قومي اسڪواڊ ۾ نون چهرن جي انٽري جو امڪان

لاهور : ڏکڻ آفريقا خلاف ٽي ٽوئنٽي سيريز لاءِ به قومي اسڪواڊ ۾ نون چهرن جي شموليت جو امڪان آهي.
2 ٽيسٽ ميچن جي سيريز کانپوءِ پاڪستان ۽ ڏکڻ آفريقا ۾ 3 ٽي ٽوئنٽي ميچن تي ٻڌل سيريز پڻ کيڏي ويندي، جنهن لاءِ سليڪشن ڪميٽي رانديگرن جي نالن تي غور شروع ڪري ڇڏيو آهي.
ذريعن موجب ان فٽ هجڻ سبب سيريز کان ٻاهر ٿيل شاداب خان جي جاءِ والارڻ لاءِ زاهد محمود مضبوط اميدوار آهي، جڏهن ته فخر زمان جي به ٽيم ۾ واپسي ٿيندي.
ذريعن جو چوڻ آهي ته ڊوميسٽڪ ۾ سٺي ڪارڪردگي ڏيکاريندڙ شرجيل خان، صهيب مقصود، ذيشان ملڪ ۽ اعظم خان سميت ٻين جا نالا به غور هيٺ آهن.
ذريعن موجب وهاب رياض جي جاءِ تي حسن علي کي شامل ڪيو ويندو، جڏهن ته ٽي ٽين ليگ کيڏڻ ويل تجربي ڪار بيٽسمين محمد حفيظ جي شموليت جي حوالي سان اڃا تائين صورتحال واضح ناهي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔