قومي بچت اسڪيمن تي منافعي جي شرح ۾ واڌ

اسلام آباد : قومي بچت اسڪيمن جي منافعي جي شرح ۾ واڌ ڪئي وئي آهي.
ناڻي واري وزارت طرفان قومي بچت اسڪيمن جي منافعي جي شرح ۾ واڌ جو نوٽيفڪيشن جاري ڪيو ويو آهي، جيڪو 21 جنوري کان لاڳو ٿيندو.
پڌرائيءَ موجب ڊفينس سيونگ سرٽيفڪيٽس تي منافعي جي شرح 8.49 مان وڌائي 9.42 سيڪڙو ڪئي وئي آهي، جڏهن ته ريگيولر انڪم سرٽيفڪيٽس تي منافعي جي شرح 8.04 سيڪڙو مان وڌائي 9 سيڪڙو ڪئي وئي آهي.
پڌرائيءَ ۾ چيو ويو آهي ته اسپيشل سيونگ سرٽيفڪيٽس جي منافعي جي شرح 7.77 مان وڌائي 7.97 سيڪڙو ڪئي وئي آهي، جڏهن ته بهبود سيونگس سرٽيفڪيٽس تي منافعي جي شرح 10.32 مان وڌائي 11.28 سيڪڙو ڪئي وئي آهي.
اهڙي ريت پينشنرز بينيفٽ اڪائونٽس تي به منافعي جي شرح 10.32 مان وڌائي 11.28 سيڪڙو ڪئي وئي آهي، جڏهن ته شهيد فيملي اڪائونٽ تي به منافعي جي شرح کي 10.32 مان وڌائي 11.28 سيڪڙو ڪيو ويو آهي.
نوٽفڪيشن موجب شارٽ ٽرم سيونگس سرٽيفڪيٽس تي به منافعي جي شرح وڌائي وئي آهي ۽ 3 مهينن جي مدي لاءِ منافعي جي شرح کي 6.76 سيڪڙو ڪيو ويو آهي، جڏهن ته 6 مهينن جي منافعي جي شرح 6.80 مان 6.82 سيڪڙو مقرر ڪئي وئي آهي ۽ 12 مهينن جي منافعي جي شرح 6.80 مان 6.92 سيڪڙو ڪئي وئي آهي.
ناڻي واري وزارت جي پڌرائيءَ موجب سيونگس اڪائونٽ تي منافعي جي شرح 5.5 سيڪڙو برقرار رهندي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔