افغان فوج ۽ طالبان ۾ جهڙپون، اٺٽيهه ڄڻا مارجي ويا

ڪابل: افغانستان جي صوبي قندوز ۾ فوج ۽ طالبان ويڙهاڪن ۾ ٻن جهڙپن دوران 13 اهلڪار ۽ 15 طالبان مارجي ويا.
افغان ميڊيا موجب قندوز صوبي ۾ پهرين جهڙپ دشت ارچي جي هڪ فوجي چيڪ پوسٽ تي طالبان پاران حملي سبب ٿي، ٻنهي طرفن جي فائرنگ ٽي ڪلاڪ جاري رهي جنهن ۾ 4 فوجي مارجي ويا.
افغان جي بچاءَ واري وزارت موجب طالبان جي حملي کي ناڪام بڻايو ويو آهي، افغان فوج جي بروقت ڪارروائي ۾ 15 ويڙهاڪ مارجي ويا ۽ 12 زخمي ٿي پيا، ان دوران 4 اهلڪار به مارجي ويا.
ٻئي طرف آزاد ذريعن دعويٰ ڪئي آهي ته دشت آرچي جي فوجي چيڪ پوسٽ تي حملي ۾ 12 فوجي اهلڪار ۽ 4 شهري مارجي ويا آهن جڏهن ته 2 اهلڪار زخمي ٿيا آهن جڏهن ته ويڙهه ۾ طالبان جو ڪو به ماڻهو نه مئو آهي.
ساڳئي قندوزصوبي ۾ ئي ٻي جهڙپ دوران 8 سيڪيورٽي اهلڪار مارجي ويا ۽ 6 زخمي ٿيا، اهڙيءَ طرح قندوز صوبي ۾ مجموعي طور تي 23 اهلڪار مارجي ويا ۽ 8 زخمي ٿيا.
طالبان جو ان حوالي سان ڪو به بيان سامهون نه آيو آهي، پر قندوز صوبي ۾ رٽ جي عملداري لاءِ ٻنهي ڌرين ۾ جهڙپن جو سلسلو جاري آهي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔