بالي ووڊ اداڪاره عاليه ڀٽ جي شوٽنگ دوران طبيعت خراب، اسپتال منتقل

ممبئي: بالي ووڊ جي مشهور اداڪاره عاليه ڀٽ جي سنجي ليلا بهنسالي جي فلم(گنگو بائي ڪاڻهياواڙي) فلم جي شوٽنگ دوران طبيعت خراب ٿيڻ تي ممبئي جي اسپتال منتقل ڪيو ويو.ڀارتي ميڊيا موجب عاليه ڀٽ فلم گنگو بائي ڪاڻهياواڙي جي شوٽنگ ۾ مصروف هئي ته ان دوران سخت ٿڪاوٽ سبب سندس طبيعت اوچتو خراب ٿيڻ تي کيس فوري طور تي اسپتال منتقل ڪيو ويو. ميڊيا رپورٽن موجب اداڪاره عاليه ڀٽ کي جنهن ڏينهن اسپتال منتقل ڪيو ويو ساڳئي ڏينهن کيس اسپتال مان ڊسچارج به ڪيو ويو.ڀارتي ميڊيا جو ان حوالي سان وڌيڪ چيو آهي ته اداڪاره کي هائپر ايسيڊيني ۽ الٽي سبب اسپتال منتقل ڪيو ويو هو. ٻئي طرف عاليه ڀٽ اسپتال مان ڊسچارج ٿيڻ کان ٻئي ڏينهن ئي پنهنجي فلم گنگو بائي کاڻهياواڙي جي شوٽنگ واري سيٽ تي پهچي وئي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔