متحده عرب امارات اسرائيل سان ويزا فري معاهدو معطل ڪري ڇڏيو

دبئي: متحده عرب امارات اسرائيل سان طئي ڪيل ويزا فري معاهدي کي معطل ڪري ڇڏيو آهي. ويزا فري معاهدو پهرين جولاءِ 2021ع تائين معطل رهندو. متحده عرب امارات جي پرڏيهي وزارت جو ان حوالي سان چوڻ آهي ته ڪورونا وائرس جي وڌندڙ ڪيسن سبب اسرائيلي شهرين جي ويزا فري داخلا تي پابندي جو فيصلو ڪيو ويو آهي.

هن چيو ته پهرين جولاءِ تائين صورتحال کي ڏٺو ويندو جنهن کان پوءِ ويزا فري معاهدي تي ٻيهر عمل ڪرڻ يا نه ڪرڻ جو فيصلو ٿيندو. اسرائيل ۽ متحده عرب امارات جي وچ ۾ 13 آگسٽ 2020 تي هڪ تاريخي امن معاهدو ٿيو هو. معاهدي کان پوءِ جاري ڪيل نوٽيفڪيشن ۾ چيو ويو آهي ته هي تاريخي سفارتي اڳڀرائي وچ اوڀر جي خطي ۾ امن کي اڳيان وڌائيندي هي معاهدو ٽنهي اڳواڻن جي جرئتمندي، سفارتڪاري ۽ وزن سبب ممڪن ٿي سگهيو آهي.

نوٽيفڪيشن ۾ به چيو ويو آهي ته هي هڪ اهڙو رستو آهي جنهن سان هڪ نئون رستو واضح ڪري سگهجي ٿو. جيڪو خطي ۾ وڏي صلاحيت کي کولي ڇڏيندو.  آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ پنهنجي هڪ ٽوئٽ ۾ چيو ته اسرائيل ۽ يو اي اي ۾ تاريخي امن معاهدو ٿي ويو. اسرائيل ۽ عرب امارات جا وفد ايندڙ هفتي ملندا.

شيخ محمد بن زيدالنهيان هڪ ٽوئٽ ۾ چيو ته صدر ٽرمپ ۽ وزيراعظم نيتن ياهو سان ٽيليفون ڳالهه ٻولهه ٿي هئي. شيخ محمد بن زيد النهيان لکيو هو ته اسرائيل اوڀرين ڪناري جي وڌيڪ علائقن کي پاڻ سان گڏ شامل نه ڪندو. يو اي اي ۽ اسرائيل جي وچ ۾ سفارتي لاڳاپا قائم ڪرڻ تي اتفاق ٿيو.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔