اليڪشن ڪميشن کان اين آر او گهرڻ لاءِ سمورو ڊرامو ٿي رهيو آهي: مراد سعيد

اسلام آباد: تحريڪ انصاف جي اڳواڻ مراد سعيد چيو آهي ته قوم اڄ چور مچائي شور جو عملي مظاهرو ڏسي رهي آهي.

(ن) ليگ ۽  پيپلز پارٽي فارن فنڊنگ جون رسيدون ناهن ڏيکاريون. اليڪشن ڪميشن کان اين آر او گهرڻ لاءِ ڊرامو ٿي رهيو آهي. رپورٽ موجب وفاقي وزير مراد سعيد پي ڊي ايم کي تنقيد جو نشانو بنائيندي چيو ته زرداري ۽ شريف خاندان پنهنجي پارٽين کي  به پنهنجي ڌنڌي جي لاءِ استعمال ڪيو.

پارٽيز کي فرنٽ ڪمپني ٺاهيو ويو جتي ڪرپشن ڪڪ بيڪس جو پئسو ايندو هو. اليڪشن ڪميشن 6 هفتن جو وقت ڏنو پر اها ڊيڊ لائن به گذري وئي. ٻئي طرف اطلاعات واري وفاقي وزير ۽ سينيٽر شبلي فراز ٽوئٽر تي پيغام ۾ چيو ته حڪومت احتجاج  دوران ڪابه رنڊڪ ناهي وڌي. اسلام آباد جي روڊن تي ٽريفڪ جي روانگي عمران خان جي جمهوريت پسندي جو ثبوت آهي.

هن چيو ته قوم اڃان تائين اهو ناهي وساريو جڏهن(ن) ليگي حڪومت تحريڪ انصاف جي ڪارڪنن کي پرامن احتجاج ڪرڻ تي تشدد جو نشانو بنايو هو. قوم ماڊل ٽائون سانحي کي اڃان تائين ناهي وساري سگهي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔