ملڪ ۾ ڪورونا وگهي وڌيڪ 58 فوتگيون، هڪ هزار کان وڌيڪ نوان ڪيس رپورٽ

اسلام آباد: ملڪ ۾ ڪورونا وائرس هڪ ڏينهن دوران 58 مريضن کان حياتيون کسي ورتيون آهن جڏهن ته هڪ هزار کان وڌيڪ هاڪاري ڪيس رپورٽ ٿيا آهن.

نيشنل ڪمانڊ اينڊ آپريشن سينٽر طرفان جاري ڪيل انگن اکرن موجب گذريل 24 ڪلاڪن دوران 36 هزار 513 ڪورونا ٽيسٽ ڪيا ويا جنهن کان پوءِ گڏيل ڪورونا 19 ٽيسٽن جو انگ 74 لک 42 هزار 084 ٿي ويو آهي.

گذريل 24 ڪلاڪن دوران ملڪ ۾ وڌيڪ هڪ هزار 800 هاڪاري ڪيس رپورٽ ٿيا آهن. اهڙي طرح پاڪستان ۾ ڪورونا جي گڏيل مريضن جو انگ 5 لک 23 هزار 011 ٿي ويو آهي.

سرڪاري انگن اکرن موجب هينئر تائين سنڌ ۾ 2 لک 36 هزار 530، پنجاب ۾ هڪ لک 50 هزار 316، ڪي پي ڪي ۾ 63 هزار 825، اسلام آباد ۾ 40 هزار 177، بلوچستان ۾ 18 هزار 622، آزاد ڪشمير ۾ 8 هزار 654 ۽ گلگت بلتستان ۾ 4 هزار 887 ڄڻن ۾ ڪورونا جي سڃاڻپ ٿي آهي.

سرڪاري انگن اکرن موجب هن وقت ملڪ ۾ ڪورونا جي فعال مريضن جو انگ 35 هزار 485 ٿي ويو آهي جڏهن ته 2 هزار کان وڌيڪ مريضن جي حالت ڳڻتي جوڳي آهي.

گذريل 24 ڪلاڪن دوران ملڪ ۾ ڪورونا وگهي وڌيڪ 58 مريض فوت ٿي چڪا آهن جنهن کان پوءِ هاڻ هن وبا سبب فوت ٿي ويل مريضن جو گڏيل طور تي انگ 11 هزار 1055 ٿي ويو آهي.

اين سي او سي موجب ڪورونا وگهي هڪ ڏينهن ۾ هڪ هزار 243 مريض صحتياب ٿي ويا آهن جنهن کان پوءِ صحتياب ٿيندڙ مريضن جو انگ 4 لک 76 هزار 471 ٿي ويو آهي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔