برازيل ۾ به ڪورونا وائرس خلاف ويڪسين لڳائڻ جو عمل شروع

برازيليا: برازيل ۾ به ڪورونا وائرس خلاف ويڪسين لڳائڻ جو عمل شروع ٿي ويو.
برازيل جي دوائون ڪنٽرول ڪرڻ واري ايجنسي انويسا، آڪسفوڊ يونيورسٽي جي ويڪسين آسٽرا زينيڪا ۽ چيني مينوفيڪچرر سينوواڪ جي تيار ڪيل ڪورونا واڪ ويڪسين جي منظوري ڏني هئي، جنهن کانپوءِ پهرين ويڪسين سائو پالو ۾ هڪ نرس کي لڳائي وئي.
واضح رهي ته ويڪسينيشن مهم جي شروعات صدر جيئر بولسو نارو ۽ رياستن جي گورنرن وچ ۾ تڪرار کان ٿي آهي.
صدر جو چوڻ هو ته ويڪسين لڳائڻ جي ڪا تڪڙ ناهي، جڏهن ته سائو پالو رياست جي گورنر زور ڏنو هو ته ويڪسين لڳائڻ جو سلسلو جلد شروع ڪيو وڃي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔