حڪومت کي پي ڊي ايم جِي قيادت مان ڪوبه خطرو نه آهي: شيخ رشيد

لاهور: پي ڊي ايم جِي قيادت مان ڪوبه خطرو نه آهي، ڪجهه ٻيون شيون آهن، اُنهن جو وقت اڃا ناهي آيو، پيپلز پارٽي ٽيسٽ مئچ کيڏي رهي آهي، مولانا فضل الرحمان آخري پنج اوور جي مئچ کيڏڻ گُهري ٿو، وزيراعظم چئي چڪو ته نواز شريف جو پاسپورٽ رِي نيُو ناهي ڪرڻو، وفاقي گهرو وزير شيخ رشيد چيو آهي ته اپوزيشن کي اسلام آباد ۾ اجازت ڏيڻ جو مطلب ڇوٽ ڏيڻ نه آهي، 19 تاريخ تي ڏسنداسين ته پي ڊي ايم وارا آئيني حق ڪيئن استعمال ڪن ٿا، جيئن ڪندا، تيئن ڀريندا، آئين جو احترام ٿيندو ته احترام ملندو، لاهور ۾ پريس ڪانفرنس دوران شيخ رشيد چيو ته ڪجهه ڏينهن ملڪ ۾ براڊ شيٽ جو اشو هلندو، اپوزيشن وارا پاناما جيان براڊ شيٽ تي به ڪو جواب نه ڏئي سگهندا، اپوزيشن جو احتجاج براڊ شيٽ جي نظر ٿي ويندو ۽ براڊ شيٽ ۾ اڃا نوان انڪشاف ٿيندا.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔