مديجي ويجهو جوڻيجا-دل خوني تڪرار تان 5 ڄڻا مارجي ويا، عورت سميت 8 زخمي

مديجي: مديجي ويجهو جوڻيجا-دل خوني تڪرار تان 5 ڄڻا مارجي ويا، عورت سميت 8 ڄڻا زخمي، ڌُرين ۾ ڇڪتاڻ سبب نئون امروٽ وارو علائقو جنگ جو ميدان بڻيل، گوليون لڳڻ سبب جوڻيجا برادري جا 3 ۽ دل ڌُر جا 2 نوجوان مارجي ويا، مقتولن ۾ صدر جوڻيجو، رسول بخش جوڻيجو، غلام اصغر جوڻيجو، عبدالوهاب دل ۽ ثناءُ الله دل شامل، عورت سميت 8 زخمين کي مختلف اسپتالن ڏانهن منتقل ڪيو ويو، ڌُرين ۾ ڇڪتاڻ سبب علائقي واسي گهرن تائين محدود ٿي ويا: دل برادري جو سکر-لاڙڪاڻو روڊ تي ڌرڻو هنيو ويو.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔