پي ٽي آءِ جو فارن فنڊنگ ڪيس کُليو ته سڀ پول پڌرا ٿي ويندا: خورشيد شاهه

سکر:آمدني کان وڌيڪ اثاثن واري ڪيس ۾ پ پ ايم اين اي سيد خورشيد شاهه سکر جِي احتساب عدالت ۾ ايمبولينس ذريعي پيش، ٻڌڻي دوران صوبائي وزير اويس قادر شاهه ۽ ٻيا جوابدار به عدالت پهتا، عدالت ۾ پيشي دوران ميڊيا سان ڳالهائيندي خورشيد شاهه چيو ته انتقام جو نشانو بڻائيندڙ ٻڌائين ته مون ڪهڙي غير قانوني طور ملڪيت ٺاهي آهي، پي ٽي آءِ جو فارن فنڊنگ ڪيس کُليو ته سڀ پول پڌرا ٿي ويندا، سمجهه ۾ نٿو اچي ته سُپريم ڪورٽ جي حڪم باوجود پي ٽي آءِ خلاف فارن فنڊنگ ڪيس ڇو نٿو کوليو وڃي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔