قانون ۾ موجود طريقيڪار تحت ئي سينيٽ اليڪشن ٿيندي: سپريم ڪورٽ

اسلام آباد: پارليامينٽ قانون ٺاهيندي آهي، عدليه اُن جي تشريح ڪندي آهي، عدالت پاڻمرادي نوٽيس جي اختيارن تحت سياسي مامرن جو جائزو وٺندي آهي، عدالت تشريح ڪري ته اُن کي ئي فوقيت حاصل هوندي، هن معاملي ۾ عدالت کي احتياط کان ڪم وٺڻ پوندو، چونڊن جو طريقيڪار جنهن قانون ۾ شامل آهي، اُن قانون تحت ئي اليڪشن ٿيندي، سپريم ڪورٽ طرفان سينيٽ اليڪشن اوپن بيلٽ ذريعي ڪرائڻ بابت صدارتي ريفرنس تي ٻڌڻي دوران ريمارڪس ڏنا ويا، اٽارني جنرل دليل ڏيندي چيو ته سپريم ڪورٽ کوڙ ڀيرا سياسي مامرن جي تشريح ڪري چڪي آهي، پنج رُڪني بئنچ آڏو صدارتي ريفرنس آيو آهي ته اُن جو جواب ڏيڻو پوندو، سپريم ڪورٽ اپيلٽ فورم سان گڏ آئيني عدالت پڻ آهي، جسٽس يحييٰ آفريدي ريمارڪس ڏيندي چيو ته سپريم ڪورٽ کانپوءِ ڪوبه اپيلٽ فورم موجود نه آهي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔