سنڌ حڪومت ڪليڪٽر جو امتحان پاس نه ڪندڙ 15 ڪامورن کي هٽائي ڇڏيو

ڪراچي: سنڌ حڪومت عدالتي حڪم بعد ڪليڪٽر ون ۽ ٽو جا امتحان پاس نه ڪندڙ 15 ڪامورن کي عهدن تان هٽائي ڇڏيو، هٽايلن ڪامورن ۾ مڪاني ادارن واري کاتي جي اسپيشل سيڪريٽري 20هين گريڊجو ڪامورو چراغ الدين هنڱورو، بورڊ آف روينيو جو ميمبر 20هين گريڊ جو آفيسر مخدوم امين فهيم جو پٽ مخدوم شڪيل الزمان، تعليم کاتي جو ايڊيشنل سيڪريٽري غلام حيدر مڱريو ،ڪاليج ايجوڪيشن کاتي جو ايڊيشنل سيڪريٽري 19هين گريڊ جو ڪامران شمشاد، گھرو کاتي جو ايڊيشنل سيڪريٽري محمد بابر قدير کي به عهدن تان هٽايو ويو، سڪندر خشڪ، امتياز راڄپر،اسل کوسو،محمد حسين گهمرو،شهزاد طاهر ٿهيم، عزيز برلاس،عبدالفهيم خان، ڊي سي مٽياري غلام حيدر چانڊيو به هٽايلن ۾ شامل آهن، ڄاڻايل ڪامورن ڪليڪٽر ون ۽ ٽو جا امتحان پاس نه ڪيا هئا،سنڌ هاءِ ڪورٽ ڄاڻايل ڪامورن کي عهدن تان هٽائڻ جو حڪم پڻ ڏنو هو….

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔