ٽڪ ٽاڪ اسٽار حريم شاهه فلمي دنيا ۾ جوهر ڏيکارڻ جو فيصلو ڪري ورتو

ڪراچي: پاڪستاني ٽڪ ٽاڪ اسٽار حريم شاهه ٽڪ ٽاڪ وڊيو ٺاهڻ کان پوءِ هاڻ باقاعده فلمي دنيا ۾ جوهر ڏيکارڻ جو فيصلو ڪري ورتو آهي.حريم شاهه پاڪستان جي پهرين ۽ ٽي ٽي پليٽ فارم(اسٽريمنگ ويب سائٽ) اردو فلڪس جي ويب سيريز ۾ نظر ايندي. اردو فلڪس جي انسٽاگرام اڪائونٽ تان گذريل ڏينهن حريم شاهه جي پراجيڪٽ سائن ڪرڻ جي تصوير شيئر ڪئي وئي ۽ اعلان ڪيو ويو ته حريم شاهه اردو فلڪس جي ويب سيريز جي ذريعي اداڪاري جي دنيا ۾ قدم رکڻ وڃي رهي آهي.ذريعن موجب حريم شاهه کي ويب سيريز(راز) ۾ اداڪاره طور ڪاسٽ ڪيو ويو آهي. حريم شاهه ويب سيريز جو پرومو پنهنجي انسٽاگرام اڪائونٽ تي به شيئر ڪيو آهي.حريم شاهه جو شمار پاڪستان جي مشهور ترين ٽڪ ٽاڪ اسٽار ۾ ٿيندو آهي پر هو پنهنجي ٽڪ ٽاڪ وڊيوز کان وڌيڪ تڪراري وڊيوز سبب وڌيڪ مشهور ٿي آهي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔