آمريڪي ايوان ۾ صدر ٽرمپ کي عهدي تان هٽائڻ جي قرارداد منظور

واشنگٽن: آمريڪي ايوان نمائندگان(ڪانگريس) صدر ڊونلڊ ٽرمپ کي ملڪ جي آئين جي 25هين ترميم تحت هٽائڻ جي لاءِ قرارداد منظور ڪري ورتي آهي.عالمي ميڊيا موجب آمريڪي ايوان نمائندگان ۾ منظور ڪيل قرارداد ۾ نائب صدر کي چيو ويو آهي ته هو آئين جي 25هين ترميم تحت ڊونلڊ ٽرمپ کي ان جي عهدي تان برطرف ڪري. ٻئي طرف نائب صدر مائيڪ پينس ٽرمپ کي هٽائڻ جي حمايت کان انڪار ڪري ڇڏيو آهي.ڪانگريس ۾ ان حوالي سان پيش ڪيل قرارداد جي منظوري کان ڪجهه ڪلاڪ اڳ اسپيڪر نينسي پلوسي کي لکيل خط ۾ مائيڪ پينس چيو آهي ته ٽرمپ جي صدارتي مدي کي ختم ٿيڻ ۾ صرف 8 ڏينهن باقي آهن اهڙي وقت ۾ اهڙي طرح جي ڪارروائي اسان جي قومي مفاد ۽ آئين سان ملندڙ جلندڙ نه آهي. ڇو ته جنهن آئيني ترميم تحت ڪارروائي جي ڳالهه ڪئي پئي وڃي اها سزا ڏيڻ جي لاءِ استعمال نٿي ڪري سگهجي.واضح رهي ته گذريل هفتي ڊونلڊ ٽرمپ جي حامين ان وقت آمريڪي پارليامينٽ ڪيپيٽل بل تي حملو ڪيو هو جڏهن جوبائيڊن کي ملندڙ اليڪٽرول ووٽن جي توثيق ڪئي پئي وئي. واقعي کان پوءِ ڊونلڊ ٽرمپ جي مخالفن کيس عهدي تان هٽائڻ جي لاءِ مواخذي جي ڪارروائي شروع ڪرڻ کان اڳ ڪابينه کي برطرف ڪرڻ جو مطالبو ڪيو هو.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔