نئين پرائيويسي پاليسي: واٽس ايپ جي سربراهه وضاحت ڪري ڇڏي

واٽس ايپ جي سربراهه ول کيتهکارٽ ميسجنگ ايپ جي پرائيويسي پاليسي ۾ تبديلي تي ٿيندڙ تنقيد تي چيو آهي ته واٽس ايپ ۾ پيغام ۽ ڪالز هاڻ به اينڊ ٽو اينڊ انڪرپنڊ تي آهن ۽ هن فيچر کي تبديل نه پيو ڪيو وڃي.
واٽس ايپ تي نئين پرائيويسي پاليسي جو اعلان ڪيو ويو آهي جنهن موجب واٽس ايپ صارفين جي ڄاڻ ٿرڊ پارٽي خاص طور تي فيس بڪ سان گڏ شيئر ڪري سگهندو، نئين پاليسي سبب واٽس ايپ کي سخت تنقيد جو نشانو بنايو پيو وڃي جڏهن ته صارفين سخت ڳڻتي ۾ مبتلا آهن ته ڇا هاڻ هي ايپ پيغام ۽ رابطي جي لاءِ محفوظ به آهي يا نه؟.
واٽس ايپ جي سربراهه وِل کيتهکارٽ نئين پاليسي کان پوءِ به واٽس ايپ کي صارفين جي لاءِ محفوظ قرار ڏئي ٿو ۽ چوي ٿو ته فيس بڪ چيٽ(ڳالهه ٻولهه) کي نٿو پڙهي سگهي، ٽوئٽ تي هڪ ڊگهي وضاحت ۾ هن چيو ته هو گذريل هڪ هفتي کان واٽس ايپ جي نئين پرائيويسي پاليسي تي ٿيندڙ ڳالهه ٻولهه تي نظر رکندو پيو اچي ۽ ان حوالي سان ڪجهه چوڻ چاهي ٿو.
ول کيتهکارٽ موجب واٽس ايپ تقريبن 2 ارب ماڻهن کي سڄي دنيا ۾ پرائيويٽ رابطن جي سهوليت ڏئي رهيو آهي ۽ ان ۾ پيغام ۽ ڪال اڃان به اينڊ ٽو اينڊ انڪرپنڊ آهن ۽ ان فيچر کي تبديل نه پيو ڪيو وڃي، پنهنجي وضاحت ۾ هن لکيو آهي ته واٽس ايپ ۾ اينڊ ٽو اينڊ انڪرپشن تبديل نه پيو ڪيو وڃي.
هن چيو ته نئين پاليسي آڻڻ جو مقصد صارفين سان گڏ وڌيڪ شفاف هجڻ ۽ پيپل ٽو بزنس فيچرز کي وڌيڪ بهتر طريقي سان ظاهر ڪرڻ آهي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔