امريڪي پرڏيهي وزارت جي ويب سائيٽ مبينا طور هيڪ ،ڊونلڊ ٽرمپ جو صدارتي مدو 11 جنوري تي ختم ٿيڻ جو اعلان

ڪراچي : امريڪي پرڏيهي وزارت جي ويب سائيٽ مبينا طور هيڪ ٿي وئي آهي جنهن ۾ ڊونلڊ ٽرمپ جو صدارتي مدو 11 جنوري تي ختم ٿيڻ جو اعلان ڪيو ويو آهي. ويب سائيٽ جي هڪ صفحي تي ڊونلڊ ٽرمپ جو صدارتي مدو ختم ٿيڻ جو اعلان ڪيو ويو آهي  جعلي صفحي ۾ اعلان ڪيو ويو آهي ته ڊونلڊ ٽرمپ جو صدارتي مدو 11 جنوري تي ختم ٿي ويو آهي . آئيني طور تي  ڊونلڊ ٽرمپ جو صدارتي مدو 20 جنوري تي ختم ٿي رهيو آهي پر هيڪ ٿيل ويب سائيٽ تي  ٽرمپ جو صدارتي مدو 11 جنوري تي ختم ٻڌايو ويو آهي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔