ڀارتي شهري هڪ ئي وقت ٻن ڇوڪرين سان شادي جي ٻنڌڻن ۾ ٻڌجي ويو

نئين دهلي: ڀارتي رياست ڇتيس ڳڙهه ۾ هڪ ڇوڪري هڪ ئي وقت ٻن ڇوڪرين سان شادي ڪري سڀني کي حيران ڪري ڇڏيو آهي.ڀارت ۾ ٻن شادين جو رواج نه هجڻ جي برابر آهي. پر ان کي هندو مذهب ۽ آئين ۾ ڏوهه مڃيو ويندو آهي. پر ڇٽيهه ڳڙهه جي ضلعي بستر جي رهواسي چندو موريا هڪ ئي وقت ٻن ڇوڪرين سان شادي ڪري نئين روايت قائم ڪري ڇڏي آهي.قصو ڪجهه اهڙي طرح جو آهي جو حسينه ۽ سندري نالي ڇوڪريون چندر موريا کي پسند ڪنديون هيون ۽ ٻئي هن سان شادي جون خواهشمند هيون. ان ڪري چندو ٻنهي جو دل رکندي هڪ ئي هنڌ ٻنهي سان شادي ڪري ورتي.ان موقعي تي چندو موريا ٻڌايو ته مان ٻنهي کي پسند ڪندو هئس ۽ هي ٻئي به مون کي پسند ڪنديون هيون ان لاءِ اسان ٽنهي رضامندي سان سموري ڳوٺ جي رهواسين آڏو شادي ڪئي پر هڪ ڪنوار جي گهر ڀاتين اسان جي شادي ۾ شرڪت نه ڪئي.ڳوٺ وارن به چندو موريا جي شادي ۾ شرڪت ڪئي ۽ ڪنهن به هن شادي جي مخالفت نه ڪئي هئي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔