ٽرمپ کي اقتدار مان ڪيئن ڪڍيو وڃي؟ اسپيڪر منصوبو سامهون رکي ڇڏيو

واشنگٽن: ڊيموڪريٽس آمريڪي صدر ٽرمپ کي عهدي تان هٽائڻ جي لاءِ پنهنجي پلان کي حتمي شڪل ڏئي ڇڏي آهي.
پرڏيهي ميڊيا موجب آمريڪي ايوان نمائندگان جي اسپيڪر نينسي پلوسي آمريڪي صدر ٽرمپ کي اقتدار مان ڪڍڻ جو حتمي پلان قانون سازن جي سامهون رکي ڇڏيو جنهن جي تحت مواخذي کان اڳ ئي ٽرمپ کي صدارتي آفيس مان ڪڍڻ جو عمل شروع ڪيو ويندو.
ميڊيا رپورٽن ۾ ٻڌايو ويو آهي ته اسپيڪر نينسي پلوسي جي منصوبي موجب ايوان ۾ هڪ قرارداد تي ووٽنگ ڪئي ويندي جنهن جي ذريعي آمريڪي نائب صدر مائيڪ پينس ٽرمپ کي اقتدار مان ڪڍڻ جو مطالبو ڪندو جڏهن ته ان طريقي جي ناڪام ٿيڻ جي صورت ۾ ڊيموڪريٽس ميمبر ڪيپيٽل هل حملي ۾ ٽرمپ کي تڪراري ڪردار ادا ڪرڻ تي هڪ چارج شيٽ پيش ڪندا.
ميڊيا رپورٽن موجب ڊيموڪريٽس طرفان هن منصوبي تي عمل سومر جي ڏينهن ئي ڪرڻ جو امڪان آهي، پرڏيهي ميڊيا موجب اسپيڪر نينسي پلوسي آچر جي ڏينهن قانون سازن کي خط موڪليا جنهن ۾ هن 25هين ترميم جي ذريعي قرارداد جي تحت نائب صدر کان آمريڪي صدر کي هٽائڻ جي باضابطه درخواست ڪرڻ جي منصوبي کان آگاهه ڪيو.
ميڊيا رپورٽن موجب هي قرارداد آمريڪي نائب صدر مائيڪ پينس کي اهي اختياري ڏنا آهن جنهن جي تحت هو ٽرمپ کي هٽائي پاڻ وقتي صدر بڻجي سگهي ٿو، نينسي پلاسي پنهنجي خط ۾ چيو آهي ته ٽرمپ کي هٽائڻ جي لاءِ هي پهريون قدم هوندو جنهن کان پوءِ ايوان ۾ ڊيموڪريٽس ميمبر مواخذي جي تحريڪ تي ڪارروائي شروع ڪندا.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔