وزيراعظم عمران خان ڪوئيٽا پهچي ويو

ڪوئيٽا: وزيراعظم عمران خان ڪوئيٽا پهچي ويو، جتي هو مچ سانحي جي ۾ شهيد ٿيل ماڻهن جي وارثن سان تعزيت جو اظهار ڪندو.

وزيراعظم عمران خان نور خان ائير بيس کان ڪوئيٽا لاءِ روانو ٿي ويو ، ۽ گهرو وزير شيخ رشيد به ساڻس گڏ هو .

وزيراعظم عمران خان ڪوئيٽا اچڻ کانپوءِ وزيراعليٰ سيڪريٽريٽ پهتو جتي پوليس جي دستي کيس سلامي پيش ڪئي.

ذريعن موجب وزيراعظم عمران بلوچستان ۾ امن امان جي صورت حال بابت اجلاس جي صدارت به  ڪندو ۽ کيس مچ سانحي بابت بريفنگ به ڏني ويندي.

ذريعن جو چوڻ آهي ته وزيراعظم عمران خان مچ سانحي جي متاثرن سان ملاقات ڪري تعزيت جو اظهار ڪندو ، ان کانسواءِ وزيراعظم هزاره جي اهم شخصيتن سان به ملاقات ڪندو ۽ انهن جا خدشا دور ڪندو.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔