وزيراعظم عمران خان هزاره برادري سان ملاقات بعد اسلام آباد روانو

ڪوئيٽا: مچ سانحي جي پورهيتن جا لاش دفنائڻ بعد ڪوئيٽا پهتل وزيراعظم عمران خان جي متاثرن سان ملاقات ڪئي. سردار بهادر خان وومين يونيورسٽي ۾ متاثرن سان ملاقات دوران وزيراعظم طرفان پورهيتن جي قتل تي تعزيت جو اظهار ڪيو. وزيراعظم عمران خان متاثرن سان مچ سانحي بابت ڳالهيون ڪرڻ بعد واپس روانو ٿي ويو. ڪوئيٽا ۾ اهم اجلاس دوران بلوچستان سرڪار ۽ وفاقي وزيرن طرفان وزيراعظم کي مچ سانحي بابت بريفنگ ڏني. اجلاس ۾ عسڪري عملدارن به شرڪت ڪئي، ذريعن جو چوڻ آهي ته وزيراعظم کي حڪومتي ڪميٽي ۽ هزارا برادري وچ ۾ ٿيل معاهدي بابت پڻ آگاهي ڏني وئي، وزيراعظم هزارا برادري سان ملاقات بعد واپس روانو ٿي ويو.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔