وزيراعظم عمران خان غيرملڪي فنڊزجا تفصيل طلب ڪري ورتا

اسلام آباد : وزيراعظم عمران خان غير ملڪي فنڊز جا تفصيل طلب ڪري ورتا آهن، ذريعن جو چوڻ وزيراعظم عمران خان هدايت ڪئي آهي ته ڪهڙي ملڪ پاڪستان کي ڪيترو فنڊز ڏنو ان جا مڪمل تفصيل فراهم ڪيا وڃن. ذريعن جو چوڻ آهي ته وزيراعظم غير ملڪي فنڊز خرچ ڪرڻ جا به تفصيل گهري ورتا، ذريعن موجب اقتصادي واري وزارت طرفان وزيراعظم کي غير ملڪي فنڊز جي حوالي سان 12 جنوري تي ٿيندڙ ڪابينا اجلاس ۾ بريفنگ ڏني ويندي..

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔