هزارا برادري سان گڏ آهيون، ڪميشن آزاد جاچ ڪري جلد رپورٽ پيش ڪندو: فردوس عاشق

لاهور: پنجاب جي وڏي وزير عثمان بزدار جي اطلاعات بابت خاص صلاحڪار فردوس عاشق اعواڻ چيو آهي ته حڪومت هزارا برادري سان گڏ بيٺل آهي ڪميشن آزاد جاچ ڪري جلد رپورٽ پيش ڪندو.

فردوس عاشق اعواڻ سماجي رابطي جي ويب سائٽ تي ٽوئٽ ڪندي چيو آهي ته مچ سانحي جي متاثرين وزيراعظم عمران خان جي آواز تي لبيڪ چئي 22 ڪروڙ عوام جا دل کٽي ورتا آهن. شهيدن جي وارثن کي انصاف جي فراهمي يقيني بنائڻ جي لاءِ جي آءِ ٽي ۽ ڪميشن آزاد جاچ ڪري جلد رپورٽ پيش ڪندو.

رپورٽ جي روشني ۾ ڏوهارين کي آخري انجام تائين پهچائينداسين فردوس عاشق اعواڻ وڌيڪ چيو ته دشمن پاڪستان جي امن کي ختم ڪرڻ لاءِ مختلف سازشون ڪرڻ ۾ مصروف آهن. جڏهن ته نادان اپوزيشن پنهنجي مفاد پرست سياست جي ذريعي لاڳيتو غير سنجيدگي جو مظاهرو ڪري رهي آهي.

هن وڌيڪ چيو ته وزيراعظم عمران خان جي آڏو پهريان ملڪي مفاد عزيز آهي. قومي مفادن کي ذاتي مفاد تي ترجيح ڏيڻ هر محب وطن جي ذميواري آهي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔