ٽرانسپرنسي انٽرنيشنل ڪورونا ويڪسين جي خريداري تي سوال اٿاري ڇڏيا

اسلام آباد: ٽرانسپرنسي انٽرنيشنل پاڪستاني عوام جي لاءِ 250 ملين ڊالر(25 ڪروڙ ڊالر) مان خريد ڪيل ڪورونا ويڪسين تي خدشا ظاهر ڪري ڇڏيا آهن.

وزيراعظم جي لکيل خط ۾ ٽرانسپرنسي انٽرنيشنل جي چيئرمين سهيل مظفر چيو آهي ته ڪنهن به خريداري ۾ ڪرپشن روڪڻ جي لاءِ پيپرا جي رول نمبر 47 تي عمل ضروري آهي. جيڪي به ٽينڊر ڪيا وڃن ان ٽينڊر  جا سمورا ڪاغذ پيپرا جي ويب سائيٽ تي مهيا ڪيا وڃن. 

سهيل مظفر چيو ته سڄي دنيا ۾ في ڊوز ويڪسين 4 ڊالر کان 37  ڊالرن تائين پهچي وئي آهي. جڏهن ته پاڪستان جي حڪومت طرفان خريد ڪيل ڪورونا ويڪسين جا ريٽ يا ٽينڊر جا تفصيل اڃان تائين سامهون ناهن اچي سگهيا.

واضح رهي ته پيپرا رولز موجب گورنمنٽ جو ڪوبه ادارو جڏهن به ڪابه خريداري ڪندو اهو خريداري جا سمورا معاهدا ۽ خريداري جي قيمت پنهنجي ويب سائٽ تي ڏيڻ جو پابند آهي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔