اسلام آباد هاءِ ڪورٽ ۾ آصف زرداري جا سمورا ڪيس ٻڌڻي لاءِ مقرر

اسلام آباد: اسلام آباد هاءِ ڪورٽ آصف زرداري جا سمورا ڪيس ٻڌڻي جي لاءِ مقرر ڪري ڇڏيا آهن.

رپورٽ موجب اسلام آباد هاءِ ڪورٽ اڳوڻي صدر ۽ پيپلز پارٽي جي شريڪ چيئرمين آصف علي زرداري جي خلاف جعلي اڪائونٽس بابت سمورا 6 ڪيس ٻڌڻي جي لاءِ مقرر ڪيا ويا آهن.

جعلي اڪائونٽس ڪيس ۾ آصف زرداري جي  ضمانت واري درخواست تي ٻڌڻي 12 جنوري تي ٿيندي. 8 ارب روپين کان وڌيڪ شڪي ٽرانزيڪشن ڪيس ۾ اڳوڻي صدر جي گرفتاري جا وارنٽ جاري ڪري ڇڏيا آهن.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔