وزيراعظم عمران خان مچ سانحي ۾ شهيد ٿي ويلن جي وارثن سان تعزيت لاءِ ڪوئٽه روانو

اسلام آباد: وزيراعظم عمران خان مچ سانحي جي وارثن سان تعزيت جي لاءِ ڪوئٽه روانو ٿي ويو آهي. شيخ رشيد به وزيراعظم سان گڏ آهي.

مچ سانحي ۾ شهيد ٿي ويل پورهيتن جي تدفين کان پوءِ وزيراعظم عمران خان نور خان ايئر بيس تان ڪوئٽه روانو ٿي ويو آهي.

عمران خان سانحي کان پوءِ کنيل قدمن بابت به آگاهه ڪندو. ياد رهي ته ڪامياب ڳالهين جي نتيجي ۾ هاڻ وزيراعظم عمران خان ڪوئٽه وڃڻ جو فيصلو ڪيو آهي ۽  هو خاص جهاز ذريعي ڪوئٽه جي لاءِ روانو ٿي ويو آهي.

گهرو وزير شيخ رشيد به ساڻس گڏ آهي. ذريعن ان حوالي سان وڌيڪ ٻڌايو آهي ته  وزيراعظم ڌرڻي جي متاثرين سان ملاقات ڪندو ۽ کين سانحي جي قاتلن کي گرفتار ڪرڻ جي لاءِ حڪومتي ڪوششن بابت به آگاهي ڏيندو ۽ متاثرين جي لاءِ مالي پيڪيج جو به اعلان ڪندو.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔