سنڌ جي مختلف علائقن ۾ سيءُ ۽ ڪوهيڙي جو راڄ برقرار

ڪراچي : سنڌ جي مختلف علائقن ۾ سيءُ ۽ ڪوهيڙي جو راڄ برقرار آهي ، نوشهروفيروز، محرابپور، مٽياري، خانواهڻ، ڪُنب، اڪري چودڳي، لاکا روڊ ۽ ٻين شهرن ۾ ڪوهيڙي سبب حدِ نظر گهٽجي وئي، رت ڄمائيندڙ سيءُ ۾ شهري گهرن تائين محدود، رستن تي ڌُنڌ هجڻ سبب ٽرئفڪ به معمول کان گهٽجي وئي، موٽر وي اختيارين طرفان شهرين کي ڪوهيڙي ۾ سفر دوران احتياط ڪرڻ جي هدايت ڪئي وئي آهي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔