ملڪ ۾ ڪورونا جا 2هزار کان وڌيڪ نوان ڪيس رپورٽ، 40 کان مٿي مريض فوت

اسلام آباد: گذريل 24 ڪلاڪن دوران سڄي ملڪ ۾ ڪورونا جا وڌيڪ 2007 ڪيس رپورٽ ٿيا جڏهن ته 40 مريض حياتيون وڃائي ويٺا  آهن.

نيشنل ڪمانڊ اينڊ آپريشن سينٽر طرفان جاري ڪيل انگن اکرن موجب  سڄي ملڪ ۾ گذريل 24 ڪلاڪن دوران ڪورونا وائرس وگهي 40 مريض فوت ٿي ويا آهن جڏهن ته 2007 نوان ڪيس رپورٽ ٿيا آهن. ملڪ ۾ هينئر تائين 10 هزار 588 فوتگيون ٿيون آهن جڏهن ته هينئر تائين ڪورونا وائرس جي مريضن جو انگ 4 لک 99 هزار 517 ٿي ويو آهي.

صحتياب ٿيندڙن جو انگ 4 لک 55 هزار 445 ٿي ويو آهي ۽ فعال ڪيسن جو انگ 33 هزار 474 ٿي ويو آهي. گذريل 24 ڪلاڪن دوران 40 هزار 898 ڪورونا ٽيسٽ ڪيا ويا پر  سڄي ملڪ ۾ هينئر تائين 70 لک 43 هزار 604 ڪورونا ٽيسٽ ڪيا ويا آهن.

اين سي او سي موجب سنڌ ۾ 2 لک 24 هزار 4، پنجاب هڪ لک 44 هزار 111، خيبرپختونخواهه 60 هزار 751، بلوچستان ۾ 18 هزار 351 ڪيس، اسلام آباد 38 هزار 970، گلگت بلتستان ۾ 4 هزار 879 ڪيس، آزاد ڪشمير ۾ ڪورونا جي مريضن جو انگ 8 هزار 451 ٿي ويو آهي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔