ڪوئيٽا: مچ ۾ قتل ڪيل مزدورن جي جنازي نماز ادا ڪئي وئي

ڪوئيٽا: بلوچستان جي ضلعي بولان جي علاقي مچ ۾ قتل ڪيل مزدورن جي جنازي نماز ڪوئيٽا جي هزاره ٽائون ۾ ادا ڪئي وئي.

ڪوئيٽا ۾ هزاره ٽائون جي قبرستان ۾ مزدورن جي جنازي نماز علاما راجا ناصر عباس پڙهائي جنهن ۾ وارثن ، علائقي واسين ۽ شهرين جي وڏي انگ شرڪت ڪئي.

ان کان سواءِ وفاقي وزير علي زيدي ، خاص مددگار زلفي بخاري، ڊپٽي اسپيڪر قومي اسيمبلي قاسم سوري  سميت صوبائي وزير، اسيمبلي ميمبر ۽ سماجي اڳواڻ به شريڪ هئا.

جنازي نماز کانپوءِ انهن مزدورن کي هزاره قبرستان ۾ مٽيءَ ماءُ حوالي ڪيو ويو.

رات جو دير سان حڪومت ۽ هزاره برادري ۾ڪامياب ڳالهين کانپوءِ وارثن 6 ڏينهن کان جاري ڌرڻو ختم ڪري ڇڏيو ۽ ميتن کي دفنائڻ جو اعلان ڪيو هو .

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔