آمريڪي پارليامينٽ تي حملو ڪندڙ 15 ڄڻن تي فرد جرم لاڳو ڪيو ويو

واشنگٽن : آمريڪي پارليامينٽ تي حملو ڪندڙ 15 ڄڻن تي فرد جرم لاڳو ڪيو ويو آهي، پرڏيهي ميڊيا موجب امريڪا جي انصاف کاتي جو چوڻ آهي ته گرفتار ڪيل جوابدارن مان هڪ ڄڻي تي بم ٺاهڻ جو الزام به هنيو ويو آهي، جڏهن ته ٻين جوابدارن ۾ اسپيڪر نينسي پلوسي جي آفيس ۾ داخل ٿيڻ وارو به شامل آهي. انصاف کاتي جو چوڻ آهي ته ڪيپٽل هل تي حملو ڪندڙن ۾ شامل هڪ ماڻهو کي ٽرڪ مان 11 پيٽرول بم بر آمد ڪيا ويا آهن، جڏهن ته پارليامينٽ ۾ لوڊڊ هينڊگن سوڌو گهڙڻ واري شخص کي به حراست ۾ ورتو ويو آهي..

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔