وزيراعظم جي صدارت هيٺ وفاقي ڪابينه جو اجلاس: اهم ملڪي معاملن تي غور

اسلام آباد: وزيراعظم عمران خان جي صدارت هيٺ وفاقي ڪابينه جو اجلاس جاري آهي جنهن ۾ اهم ملڪي معاملن تي غور ۽ فيصلا ڪيا ويندا.

وفاقي ڪابينه جي اجلاس ۾ ڪورونا جي وڌندڙ ڪيسز جي تدارڪ لاءِ انتظامن تي بريفنگ ڏني ويندي. وزارتن ۽ ڊويزنز جي سمريز تي فيصلا ۽ بريفنگ ٿينديون. پاڪستان ايڪسپو سينٽرز جي چيئرمين بورڊ آف ڊائريڪٽر جي منظوري ايجنڊا ۾ شامل آهي.

ٽريڊ آرگنائيزيشن ايڪٽ جي تحت اپيلن جي ٻڌڻي تي ڪابينه کي بريفنگ ڏني ويندي. پريس ڪائونسل آف پاڪستان جي ميمبرن جي مقرري ڪابينه جي ايجنڊا ۾ شامل آهي. فش پراسيسنگ، پلانٽس جي رجسٽريشن بابت انسپيڪشن ڪميٽي جي جوڙجڪ جو معاملو غور هيٺ ايندو.

متبادل توانائي ڊولپمنيٽ بورڊ جي سي اي او رانا عبدالجبار جي استعيفيٰ جو معاملو به ڪابينه جي ايجنڊا ۾ شامل آهي. ڪابينه ڪميٽي قانون سازي ڪيسز جي 31 ڊسمبر وارن فيصلن جي به توثيق ڪندي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔