سنڌ هاءِ ڪورٽ پاران نيب کي ڊي ايم سي ملير جي فنڊز ۾ مبينا گهوٻين جو ريفرنس ٻن هفتن ۾ داخل ڪرڻ جو حڪم

ڪراچي : سنڌ هاءِ ڪورٽ پاران نيب کي ڊي ايم سي ملير جي فنڊز ۾ مبينا گهوٻين جو ريفرنس ٻن هفتن ۾ داخل ڪرڻ جو حڪم ڏنو ويو ، سنڌ هاءِ ڪورٽ نيب کان رپورٽ طلب ڪري ورتي، ملير جي ٻن اڳوڻن ميونسپل ڪمشنرز منظور عباسي ۽ رحمت الله شيخ سوڌو ٻين جوابدارن جي ضمانت درخواست تي ٻڌڻي دوران نيب جو جاچ آفيسر پيش ٿيو ، نيب جو چوڻ آهي ته جوابدارن خلاف جاچ مڪمل ڪري ريفرنس هيڊڪوارٽر ڏانهن اُماڻي ڇڏيوآهي ، ٻن هفتن ۾ جوابدارن خلاف ريفرنس داخل ٿي ويندو

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔