اسٽيبلشمينٽ هميشه چونڊيل حڪومت جو ساٿ ڏنو آهي: شاهه محمود قريشي

لاهور: پرڏيهي وزير شاهه محمود قريشي چيو آهي ته اسٽيبلشمينٽ هميشه چونڊيل حڪومت جو ساٿ ڏنو آهي. خانگي چينل سان ڳالهيون ڪندي مخدوم شاهه محمود قريشي چيو ته گذريل ڏينهن بهاولپور ۾ پي ڊي ايم جي  شو ۾ پاور ڪٿي به نه هو.

شرڪت ڪندڙن جي اڪثريت شاگردن جي هئي. ڏکڻ پنجاب ۾ ڪڏهن فنڊز جي منصفانه ورهاست ناهي ٿي. اتان جي عوام جي حقن تي هنن جي دور ۾ ئي راتاهو هنيو ويو. ڏکڻ پنجاب کي محروم ڪنهن رکيو. پنجاب ۾ حڪومت ڪنهن جي هئي؟ موجوده حڪومت اختيار ڏکڻ پنجاب ڏانهن منتقل ڪيا آهن. هاڻ ڏکڻ پنجاب جا فنڊز ڪنهن ٻئي جڳهه منتقل  نه ٿي سگهندا.

ادارن جي حمايت جي حوالي سان شاهه محمود قريشي چيو ته اسٽيبلشمينٽ هميشه چونڊيل حڪومت جو ساٿ ڏنو آهي ڇو ته اسٽيبلشمينٽ کي رياست جي مفادن کي محفوظ رکڻو پوندو آهي. پرڏيهي وزير چيو ته بلوچستان جو واقعو ڏکوئيندڙ آهي بيگناهه ۽ معصوم ماڻهن کي شهيد ڪيو ويو مان ان جي مذمت ڪريان ٿو. ڀارت اسان جي سرحدن تي چڙهائي ڪري رهيو آهي.

هو دهشتگردن جي پٺڀرائي ڪري رهيو آهي. ڀارت چاهي ٿو ته سي پيڪ ۾ رنڊڪ وجهي. ڀارت اهڙن واقعا ڪرائيندو آهي ته جيئن ماڻهن ۾ مايوسي پکڙجي. وئي. انفوليب ڀارت جي اصل چهري کي بي نقاب ڪيو آهي. اپوزيشن بلوچستان واري مسئلي تي ساٿ ڏئي جلسا ڪرڻ سان ڪجهه نه ٿيندو. ڀارتي بيانيي جي ها ۾ هلا ملائيندا ته انهن جي دشمن کي هٿي ملندي.

شاهه محمود قريشي جو چوڻ هو ته اسان ڀارتي ظلمن کي بهتر انداز ۾ اجاگر  ڪيو آهي. ڪشمير مسئلي کي لاڳيتو اٿاري رهيا آهيون ۽ اهو اسان جو فرض آهي. حق خود اراديت جي تحريڪ ڪامياب ٿيندي. آسيه اندرابي سميت ڪيترن ئي اڳواڻن کي ڪوڙن ڪيسن ۾ پڪڙيو ويو آهي. والاريل ڪشمير جي قيد اڳواڻن کي ذادي ملڻ گهري. آسيه اندرابي جي زندگي خطري ۾ آهي. هن والاريل ڪشمير جي عورتن ۾ جوش ۽ ولولو پيدا ڪيو.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔