آمدنيءَ کان وڌيڪ اثاثا ڪيس ۾ گرفتار پ پ ايم اين اي خورشيد شاهه سکر جي احتساب عدالت ۾ پيش

سکر: آمدنيءَ کان وڌيڪ اثاثا ڪيس ۾ نيب هٿان گرفتار ٿيل پ پ ايم اين اي خورشيد شاهه کي سکر جي احتساب عدالت ۾ پيش ڪيو ويو، خورشيد شاهه کي اسپتال مان ايمبولينس ذريعي عدالت پهچايو ويو، صوبائي وزير اويس قادر شاهه ۽ ٻيا جوابدار به عدالت آڏو پيش ٿيا، خورشيد شاهه جي پيشيءَ جي موقعي تي احتساب عدالت ٻاهران جيالن جو احتجاج رهيو، جيالن طرفان نيب خلاف ۽ خورشيد شاهه جي حمايت ۾ نعريبازي ڪئي وئي ، عدالت ٻاهران مظاهري دوران جيالن طرفان خورشيد شاهه کي فوري آزاد ڪرڻ جو مطالبو ڪيو ويو.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔