تعليمي ادارا کولڻ بابت حتمي فيصلو اڄ ڪيو ويندو

اسلام آباد: تعليمي ادارا کلندا يا گهر ۾ ويهي پڙهائي ڪرڻي پوندي؟ بين لصوبائي وزيرن واري تعليم جي اجلاس ۾ اڄ حتمي فيصلو ڪيو ويندو.

وفاقي وزير شفقت محمود جي صدارت هيٺ صوبائي وزيرن جي تعليم وارو اجلاس اڄ ٿيندو. ذريعن موجب  سموري ملڪ جا تعليمي ادارا 25 جنوري تي مرحليوار کولڻ  جو امڪان آهي.

پهرين مرحلي ۾ پرائمري جنهن کان پوءِ سيڪنڊري ۽ ٽئين مرحلي ۾ هائر سيڪنڊري ۽ مساوي تعليمي ادارا کولڻ جي تجويز ڏني وئي آهي.

ذريعن جو چوڻ آهي ته مئي يا جون ۾ امتحان وٺڻ ۽ گرمين جون موڪلون گهٽ ڪرڻ جي تجويز به سامهون آئي آهي. وفاقي وزير تعليم شفقت محمود گذريل ڏينهن چيو هو ته مارچ ۾ ٿيندڙ امتحان ملتوي ٿيندا ۽  گرمي جي موسم دوران موڪلون به هن سال گهٽ ٿينديون.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔