ڪراچي ۾ محمود آباد نالي جي ڀرپاسي آپريشن،ڪيترائي گهر،دڪان ۽ ڇپرا ڊاهي پٽ

ڪراچي :ڪراچي ۾ محمود آباد نالي جي ڀرپاسي قبضا ڇڏائڻ لاءِ آپريشن، ائنٽي انڪروچمينٽ سيل جي عملي ڳري مشينري ذريعي ڪيترائي گهر، دڪان ۽ ڇپرا ڊاهي پٽ ڪري ڇڏيا، آپريشن دوران عملي ۽ رهواسين ۾ چڪريون پڻ ٿيون ، پوليس ۽ رينجرز اهلڪار مقرر ڪيا ويا، انتظاميا جو چوڻ آهي ته محمود آباد نالي جي ڀرپاسي حددخليون هٽائڻ لاءِ آپريشن ۾ واٽر بورڊ، ايس بي سي اي ۽ روينيو بورڊ جي عملدارن به حصو وٺي رهيا آهن، 4 ڏينهن تائين جاري آپريشن ۾ نالي جي ڀرپاسي قائم سمورا قبضا ڇڏايا ويندا.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔