وزيراعظم عمران خان اسمگلنگ ۾ ملوث ماڻهن خلاف ڪارروائي جو حڪم ڏئي ڇڏيو

اسلام آباد:  وزيراعظم عمران خان اسمگلنگ ۾ ملوث ماڻهن جي خلاف سخت ڪارروائي ڪرڻ جي هدايت جاري ڪري ڇڏي آهي.

وزيراعظم عمران خان جي صدارت هيٺ اسمگلنگ جي روڪٿام بابت اجلاس ٿيو جنهن ۾ اسمگلنگ جي تيل جي وڪري بابت معاملن تي بريفنگ ڏني وئي. بريفنگ ۾ آگاهه ڪيو ويو ته اسمگلنگ ٿيل تيل سان معيشت کي 100 کان 150 ارب روپين جو ساليانو نقصان ٿي رهيو آهي ۽ هن وقت ملڪ ۾ 2 هزار 94 پيٽرول پمپ اسمگلڊ تيل جي وڪرو ۾ ملوث آهن.

ان موقعي تي وزيراعظم عمران خان چيو ته اسمگلنگ سبب ملڪي معيشت کي ناقابل تلافي نقصان پهچي رهيو آهي ۽ اسمگلنگ بابت قدم کڻڻ سان محصولات ۾ به اضافو ٿيندو.جنهن کان پوءِ وزيراعظم اسمگلنگ ۾ ملوث عناصرن جي خلاف سخت قدم کڻڻ جي هدايت ڪري ڇڏي آهي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔