اسلام آباد ۾ پوليس جي فائرنگ سبب 22 ساله شاگرد مارجي ويو

اسلام آباد: اسلام آباد جي جي ٽين جي علائقي ۾ اينٽي ٽريررسٽ اسڪواڊ(اي ٽي ايس) اهلڪارن فائرنگ ڪري 22 ساله نوجوان کي قتل ڪري ڇڏيو.

اسامه پنهنجي دوست کي شمس ڪالوني جي علائقي ۾ ڊراپ ڪري اچي رهيو. ان حوالي سان مقتول جي سئوت فرخ ستي صحافين سان ڳالهيون ڪندي چيو ته اي ٽي ايس پوليس اهلڪار علائقي ۾ گشت تي هئا، هنن مقتول اسامه جي گاڏي کي روڪيو جنهن جي نه رڪجڻ تي هنن انڌاڌنڌ فائرنگ ڪري کيس قتل ڪيو. ٻئي طرف پوليس ترجمان موجب پوليس ڪارن شيشن واري شڪي گاڏي کي روڪڻ جي ڪوشش ڪئي ته ڊرائيور گاڏي نه روڪي پوليس جي ٽين تائين گاڏي جو پيڇو ڪيو ۽ نه رڪجڻ تي گاڏي جي ٽائرن ۾ فائر ڪيا. بدقسمتي سان فائر گاڏي جي ڊرائيور کي لڳي ويا جنهن سبب سندس موت واقع ٿي.

قتل ڪيس ۾ 5 پوليس اهلڪارن کي گرفتار ڪيو ويو آهي. وڌيڪ جاچ جاري آهي. آءِ جي اسلام آباد واقعي جو نوٽيس وٺندي ڊي آءِ جي اپريشن جي نگراني ۾ ايس ايس پي سي ٽي ڊي جي سربراهي ۾ ايس پي صدر ۽ ايس پي انويسٽيگيشن تي ٻڌل ٽيمون جوڙي ڇڏيون آهن. هوڏانهن صدر آل پاڪستان انجمن تاجران اجمل بلوچ چيو ته اسامه سيڪٽر جي 13 جو رهواسي ۽ شاگرد هو، جنهن جو پيءُ واپاري آهي هو دهشتگرد نه هو هي قتل پوليس گردي جي بدترين مثال آهي جنهن جي هاءِ ڪورٽ جي جج کان جاچ ڪرائي وڃي.

ذريعن موجب سيف سٽي مان سيڪٽر ايڇ 13 پيرس سٽي مان پوليس هيلپ لائن تي ڦر جي ڪال هلي، سي ٽي ڊي اهلڪارن شڪ پوڻ تي ڪشمير هاءِ وي جي 10 سگنل ويجهو ڪار کي روڪڻ جي ڪوشش ڪئي جنهن جي نه رڪجڻ تي سي ٽي ڊي اهلڪارن طرفان انڌاڌنڌ فائرنگ ڪئي  وئي. پوليس الزام هنيو آهي ته ڪار سوار نه رڪجڻ جي بجاءِ اسان مٿان فائر ڪيا.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔