ڪورونا وگهي وڌيڪ 82 مريض حياتيون وڃائي ويٺا، 35 هزارکان وڌيڪ نوان ڪيس رپورٽ

اسلام آباد: ملڪ ۾ ڪورونا وائرس وگهي هڪ ڏينهن دوران 82 مريض حياتيون وڃائي ويٺا آهن. جڏهن ته فعال ڪيسن جو انگ 35 هزار کان وڌيڪ ٿي ويو آهي.

نيشنل ڪمانڊ اينڊ آپريشن سينٽر طرفان جاري ڪيل انگن اکرن موجب گذريل 24 ڪلاڪن دوران 38 هزار 229 ڪورونا ٽيسٽ ڪيا ويا جنهن کان پوءِ گڏيل طور تي ڪورونا 19 ٽيسٽن جو انگ 67 لک 75 هزار 307 ٿي ويو آهي. گذريل 24 ڪلاڪن دوران ملڪ ۾ وڌيڪ 2 هزار 184 هاڪاري ڪيس رپورٽ ٿيا آهن. اهڙي طرح پاڪستان ۾ ڪورونا جي گڏيل مريضن جو انگ 4 لک 84 هزار 362 ٿي ويو آهي.

سرڪاري انگن اکرن موجب هينئر تائين سنڌ ۾ 2 لک 16 هزار 632، پنجاب ۾ هڪ لک 39هزار 341،  خيبرپختونخواهه ۾ 59 هزار 23، اسلام آباد ۾ 38 هزار 020، بلوچستان ۾ 18 هزار 181، آزاد ڪشمير ۾ 8 هزار 303 ۽ گلگت بلتستان ۾ 4 هزار 862 ڄڻن ۾ ڪورونا جي سڃاڻپ ٿي آهي. سرڪاري انگن اکرن موجب هن وقت ملڪ ۾ ڪورونا جي فعال مريضن جو انگ 35 هزار 130 ٿي ويو آهي جڏهن ته 2 هزار کان وڌيڪ مريضن جي حالت ڳڻتي جوڳي آهي.

گذريل 24 ڪلاڪن دوران ملڪ ۾ ڪورونا وگهي وڌيڪ 82 فوتگيون ٿي ويون آهن. جنهن کان پوءِ هاڻ هن وبا سبب فوت ٿي ويلن جو گڏيل طور تي انگ 10 هزار 258 ٿي ويو آهي. اين سي او سي موجب ڪورونا وگهي هڪ ڏينهن ۾ هڪ هزار 745 مريض صحتياب ٿيا جنهن کان پوءِ صحتياب ٿيندڙ مريصن جو انگ 4 لک 30 هزار 974 ٿي ويو آهي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔