موسميات کاتي پنجاب، ڪي پي ۽ ڪشمير ۾ سڀاڻي کان سال جي پهرين برسات جي اڳڪٿي ڪري ڇڏي

اسلام آباد: پنجاب، خيبرپختونخواهه ۽ ڪشمير ۾ سڀاڻي کان سال جي پهرين برسات جي اڳڪٿي ڪئي وئي آهي.

موسميات کاتي موجب اوڀرين هوائن جو آچر کان سلسلو اڱاري تائين برسات وسائيندو. پنجاب م لاهور، گجرات، سيالڪوٽ، گوجرانوالا، ساهيوال ۽ فيصل آباد سميت مختلف شهرن ۾ برسات جو امڪان آهي.

خيبرپختونخواهه ۾ پشاور، ڪوهاٽ، ايبٽ اباد، سوات ۽ گلگت بلتستان ۾ به برسات ۽ جابلو علائقن ۾ برفباري جي اڳڪٿي ڪئي وئي آهي.

ان کان علاوه ڪشمير ۾ به برسات جو امڪان آهي. ڪراچي ۾ اڄ صبح جو به رڪارد ٿڌ نوٽ ڪئي وئي ۽ گرمي پد 5 ڊگري سينٽي گريڊ تائين محسوس ڪيو ويو.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔