سڄي ملڪ جا تعليمي ادارا مرحليوار پنجويهه جنوري کان کولڻ جي تجويز

اسلام آباد: سڄي ملڪ جا تعليمي ادارا مرحليوار 25 جنوري کان کولڻ جي تجويز تي فيصلو سومر تي ڪيو ويندو. 

وفاقي حڪومت کي سڄي ملڪ جا  تعليمي ادارا مرحليوار ٽن حصن ۾ کولڻ جي تجويز سامهون آئي آهي ۽ هن ڀيري پهرين مرحلي ۾ سڄي ملڪ جا پرائمري اسڪول کولڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي. هن تجويز تي ڪوبه فيصلو سومر4 جنوري واري ڏينهن ٿيندڙ بين الصوبائي تعليم وارن وزيرن جي ڪانفرنس(انٽرپرووينشل ايجوڪيشن منسٽرز ڪانفرنس) ۾ ڪيو ويندو. جيڪا ڪانفرنس وفاقي تعليم واري وزير شفقت محمود جي صدارت هيٺ اجلاس ۾ ڪوٺائي ويندي ۽ ان ڪانفرنس ۾ چئني صوبن جا تعليم وارا شرڪت ڪندا.

ان حوالي سان ملندڙ ڪانفرنس جي ايجنڊا موجب سڄي ملڪ جي چئني صوبن ۾ تعليمي ادارا ٻيهر کولڻ جو فيصلو هيلٿ ايڊوائزري جي بنياد تي ڪورونا ڪيسن کي سامهون رکڻ کان پوءِ ڪيو ويندو. ان سلسلي ۾ ڪانفرنس کي تجويز ڏني وئي آهي ته پهرين مرحلي ۾ سڄي ملڪ جا سرڪاري ۽ خانگي پرائمري اسڪول 25 جنوري 2021 تي کوليا وڃن جڏهن ته ٻئي مرحلي ۾ 4 فيبروري تي مڊل سيڪنڊري اسڪول کوليا ويندا ۽ ٽئين مرحلي ۾ هائر مڊل/سيڪنڊري ۽ ان سان لاڳاپيل تعليمي ادارا کوليا ويندا.

پهرين مرحلي ۾ پرائمري تعليمي ادارا کولڻ جي تجويز ان لاءِ غور هيٺ آهي ته ملندڙ ڊيٽا موجب ملڪ ۾ ڪورونا جي شدت سبب سڀني کان ننڍي عمر جا ٻار متاثر ٿيا آهن ۽ ڪورونا ننڍي عمر جي ٻارن کي ٻين جيان وڌيڪ اثر انداز ڪري رهيو آهي پر ان حوالي سان تعليمي آفيسر جو چوڻ هو ته اسڪول کولڻ بابت هي ٽنهي تاريخن جو مجوزو آهي جيڪڏهن ڪورونا جي صورتحال لاڳيتو خراب رهي ته 19 جنوري تي ٻيهر بين الصوبائي وزيرن واري تعليمي ڪانفرنس گهرائي ان تي غور کان پوءِ هيٺ مٿانهين ڪري سگهجي ٿي پر ان سلسلي ۾ ڪوبه فيصلو هن سموري صورتحال کي سامهون رکي ڪيو ويندو.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔