سي ٽي ڊي جي ڪارروائي: ذڪي الرحمان لکوي دهشتگردن کي فنڊنگ ڏيڻ جي الزام ۾ گرفتار

لاهور:  دهشتگردي جي خاتمي واري کاتي(سي ٽي ڊي) پنجاب ڳجهي اطلاع تي ڪارروائي ڪندي ممبئي حملي واري سازش جي مُک جوابدار ذڪي الرحمان لکهوي کي دهشتگردن جي فنڊنگ جي الزام ۾ گرفتار ڪيو ويو.

پابندي مڙهيل تنظيم لشڪر طيبه جي ڪمانڊر ذڪي الرحمان لکهوي جماعت الدعوه جي سربراهه حافظ محمد سعيد جو ويجهو ساٿي به آهي. سي ٽي ڊي لاهور واري ٿاڻي ۾ داخل دهشتگردن جي فنڊنگ واري ڪيس ۾ ان جي گرفتاري عمل ۾ آئي. ان تي الزام آهي ته هو ڊسپينسري هلائڻ جي آڙ ۾ دهشتگردن جي لاءِ فنڊ جمع ڪندو رهيو جنهن کي دهشتگردي جي ڪارروائين ۽ ذاتي خرچن جي لاءِ استعمال ڪيو ويو.

ان جو نالو گڏيل قومن جي دهشتگردن واري لسٽ ۾ به شامل آهي. ترجمان سي ٽي ڊي پنجاب موجب ذڪي الرحمان لکهوي تي لاهور جي دهشتگردي جي انت واري عدالت ۾ دهشتگردن جي مالي مدد جو ڪيس هلايو ويندو.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔