ووٽ چور ۽ جعلي حڪومت سان ڪي به ڳالهيون نه ٿينديون: مولانا فضل الرحمان

لاهور : ووٽ چور ۽ جعلي حڪومت سان ڪي به ڳالهيون نه ٿينديون، ناجائز حڪومت استعيفيٰ ڏئِي نئين سر چونڊن جو اعلان ڪري، جي يو آءِ سربراهه مولانا فضل الرحمان چيو آهي ته حڪومت کي گهر ڀيڙو ڪرڻ لاءِ پي ڊي ايم پهرين کان وڌيڪ پُرعزم آهي، ڳالهين جا در بند نه ٿيڻ گهرجن پر جعلي حڪومت سان ڳالهيون جا ڪي به امڪان نه آهن، نيب ڪٺ پُتلي ادارو آهي، اُن جي احتساب کي تسليم نٿا ڪريون، نواز شريف علاج لاءِ پرڏيهه ويو، پر کيس اشتهاري قرار ڏنو ويو آهي، پرويز مشرف به اشتهاري آهي، ان خلاف ڪارروائي جو ڇا ٿيو؟ لاهور ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي مولانا فضل الرحمان چيو ته جي يو آءِ ۾ ڀڃ ڊاهه نه، پر ڇانٽي جو عمل شرو ٿي ويو آهي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔