آئيلينڊ اٿارٽي آرڊيننس جو مدو ختم ٿي ويو: مرتضيٰ وهاب

ڪراچي : آئيلينڊ اٿارٽي آرڊيننس جو مدو ختم ٿي ويو، پي ٽي آءِ کي خبر هئي ته پارليامينٽ ۾ اڪثريت نه هئڻ سبب آرڊيننس منظور نه ٿيندو، تنهن ڪري آرڊيننس کي پارليامينٽ ۾ پيش نه ڪيو، ڏنگي ۽ بُنڊاڙ سوڌو سمورا ٻيٽا صوبائي حڪومت جي ملڪيت آهن، سنڌ حڪومت جي ترجمان مرتضيٰ وهاب اسٽيل ملز جي مامري تي ايندڙ هفتي وفاق کي خط لکڻ جو اعلان ڪندي چيو آهي ته آدمشماري ۾ سنڌ جي آبادي کي گهٽ ڏيکارڻ جا ثبوت موجود آهن، اُميد ته متحده آدمشماري واري معاملي تي سنڌ حڪومت سان گڏجي ڪم ڪندي، ڪراچي ۾ پريس ڪانفرنس دوران مرتصيٰ وهاب چيو ته سنڌ ۾ جيلن ۽ قيدين بابت نئين قانون تي عمل شروع ٿي ويو، نئين قانون تحت بيمار قيدي کي 4 هفتن لاءِ رليف طور آزاد ڪيو ويندو، هاڻي پوليس ايف آءِ آر جي بُنياد تي گرفتاريون نه ڪري سگهندي، ثبوت ملڻ بعد جوابدار کي گرفتار ڪيو ويندو.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔