پاڪستان ڊيموڪريٽڪ موومينٽ پاران ضمني اليڪشن ۾ حصو وٺڻ جو اعلان

لاهور: مخالف ڌر اتحاد پاڪستان ڊيموڪريٽڪ موومينٽ (پي ڊي ايم) ضمني اليڪشن ۾ حصو وٺڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو آهي.

جاتي امرا ۾ مولانا فضل الرحمان جي صدارت هيٺ پي ڊي ايم جو سربراهي اجلاس ٿيو، جنهن ۾ محمود خان اچڪزئي، امير حيدر خان هوتي، ميان افتخار حسين، سردار اختر جان مينگل، آفتاب احمد خان شيرپائو، اويس احمد نوراني سميت ٻين اڳواڻن شرڪت ڪئي، جڏهن ته نواز شريف، آصف زرداري ۽ پيپلزپارٽي چيئرمين بلاول ڀٽو وڊيو لنڪ ذريعي اجلاس ۾ شريڪ ٿيا.

اجلاس کانپوءِ ميڊيا سان ڳالهائيندي پي ڊي ايم سربراهه مولانا فضل الرحمان جو چوڻ هو ته ميڊيا تي پي ڊي ايم جي اختلافن جون خبرون هلايون پيون وڃن، جڏهن ته اختلافن جون خبرون دم ٽوڙي چڪيون آهن. پي ڊي ايم هاڻ پهرين کان به وڌيڪ مضبوط ۽ حڪومت کان نجات لاءِ پهرين کان وڌيڪ پرعزم آهي.

مولانا فضل الرحمان جو چوڻ هو ته حڪومت وٽ هڪ مهيني جو وقت آهي، جنهن کانپوءِ لانگ مارچ ٿيندو، پي ڊي ايم جي قيادت لانگ مارچ جي تاريخ جو اعلان ڪندي ۽ فيصلو ڪندي ته لانگ مارچ اسلام آباد جي طرف ڪيو وڃي يا پنڊي جي طرف ڪيو وڃي. هن جو چوڻ هو ته عمران خان هڪ مهرو آهي ۽ سڀئي جماعتون متفق آهن ته اسان تحريڪ جو رخ صرف هڪ مهري جي طرف ناهي موڙڻو.

پي ڊي ايم سربراهه مولانا فضل الرحمان جو چوڻ هو ته ضمني چونڊن ۾ حصو وٺنداسين ۽ سينيٽ چونڊ بابت فيصلو بعد ۾ ڪنداسين، جڏهن ته 19 جنوري تي راولپنڊي ۾ اليڪشن ڪميشن آفيس جي ٻاهران احتجاج ٿيندو ۽ نيب آفيس جي سامهون به مظاهرا ڪيا ويندا.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔