منهنجي گهرو وزارت ۾ جنهن به فوج خلاف ڳالهايو، 72 ڪلاڪن اندر اُن خلاف ڪيس داخل ڪيو ويندو: شيخ رشيد

راولپنڊي؛عمران خان حڪومت ڇڏي سگهي ٿو پر اپوزيشن کي اين آر او نه ڏيندو، منهنجي گهرو وزارت ۾ جنهن به فوج خلاف ڳالهايو، 72 ڪلاڪن اندر اُن خلاف ڪيس داخل ڪيو ويندو، وفاقي گهرو وزير شيخ رشيد چيو آهي ته پي ڊي ايم وارا لانگ مارچ جي تاريخ جو اعلان ڪندا ته اسان به پنهنجو قانوني ۽ آئيني حق استعمال ڪنداسين، 20 فيبروري تائين سياست کُلي ويندي، ڳالهين جا در بند ڪندڙ سياستدان بي عقل آهن، مولانا فضل الرحمان جون متيون منجهي پيون آهن، فضل الرحمان جا ستارا گردش ۾ آهن، اسلام ۽ اسلام آباد ۾ فرق نظر ۾ رکڻ گهرجي، مولانا فضل الرحمان اسلام آباد تي قبصي وارو خواب ڇڏي ڏئي،  آصف زرداري تاش جا پتا بهتر نموني کيڏي رهيو آهي، هو پنهنجي لاءِ بهتر رستا ٺاهي پيو، بدنصيب نواز ليگ غيرپارلياماني ٻولي ڳالهائي پنهنجا لاءِ مسئلا پيدا ڪري ڇڏيا.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔