سي سي پي او لاهورعمر شيخ تبديل،غلام محمد ڊوگر نئون آفيسر مقرر

لاهور:ڪيپيٽل سٽي پوليس آفيسر ( سي سي پي او ) لاهور عمر شيخ کي تبديل ڪيو ويو آهي ، نوٽيفڪيشن موجب غلام محمد ڊوگر کي نئون سي سي پي او لاهور مقرر ڪيو ويو آهي.

عمر شيخ کي ڊپٽي ڪمانڊنٽ پنجاب ڪانسٽبلري مقررڪيو ويو آهي ، ان جو عهدو تبديل ڪرڻ جو نوٽيفڪيشن پنجاب جي وڏي وزير پاران جاري ڪيو ويوآهي .

غلام محمد ڊوگراڳ ۾ فيصل ۾ آباد ۾ مقرر هو ۽ مختلف ضلعن ۾ ڊي پي او به رهيو ، غلام محمد ڊوگر آرپي او ملتان هو ۽ هاڻي ان کي سي سي پي او لاهور بڻايو ويو آهي .

عمر شيخ ان وقت خبرن جي زينت بڻيو جڏهن هن موٽر وي تي زيادتي ڪيس ۾ متاثره خاتون بابت بيان ڏنو هو .

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔